آزاد صوفي

آزاد صوفي

آزاد صوفي2

آزاد صوفي: شاعر، اديب ۽ استاد گل محمد آزاد صوفي جو اصل نالو سليمان ميمڻ هو. صوفياڻو فقيري مزاج رکندڙ گل محمد آزاد صوفي بڪيرا شريف (ٽنڊوالهيار) ۾ جنم ورتو. فائنل تائين تعليم حاصل ڪرڻ بعد پرائمري اسڪول ٽنڊي الهيار ۾ پھرين استاد ۽ پوءِ هيڊ ماستر به ٿيو. پاڻ حڪيم، اعليٰ درجي جو اديب ۽ شاعر هو. هن نثر ۽ شاعري ٻنھي صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’پيران پير دستگير‘، ’الادين ۽ ان جو جادوئي چراغ‘، ’ام المومنين بيبي خديجه الڪبريٰ رضي الله عنھا‘، ’بيبي عائشه صديقه رضي الله عنھا‘، ’ابو حنيفه رضه‘، ’دربار نبوي جا فرمان ۽ فيصلا‘، ’ائٽلس جاگرافي ڏيپلو ۽ مٺي‘، ’جاگرافي تعلقو ڊگهڙي‘ ۽ ’جيمس آباد‘، ’نئين اٽلس جاگرافي تعلقو سانگهڙ ۽ کپرو‘، ’شھيد ڪربلا‘، ’جاگرافي عمرڪوٽ ۽ ڇاڇرو‘ ۽ ’حضرت عبدالقادر جيلاني‘ تمام گهڻا مشھور آهن. ان کانسواءِ بڪيرا شريف مان ”صوفي گزيٽ“ نالي هڪ اخبار پڻ جاري ڪئي. آزاد صوفي کي سنڌيءَ کانسواءِ انگريزي، اردو، فارسي ۽ عربي ٻولين تي پڻ عبور حاصل هو. هن بڪيرا شريف ۾ پنھنجي ذاتي لائبرري قائم ڪئي، جنھن ۾ مختلف موضوعن تي هزارين ڪتاب موجود هئا، رٽائرمينٽ کان پوءِ 1950ع ڌاري بڪيرا شريف ۾ خانگي شفا خانو قائم ڪيو، جتي في سبيل الله علاج ڪندو هو، آزاد صوفي، 1971ع ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاهه بڪيرا شريف ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو